حميد هارون

حميد هارون

حميد هارون

حميد هارون: مشهور صحافي ۽ سياستدان حميد هارون ولد سعيد هارون 27 آڪٽوبر 1953ع تي ڄائو. هن لنڊن اسڪول آف اڪانامڪس مان گريجوئيشن، هارورڊ يونيورسٽيءَ مان ريجنل اسٽڊيز (ايسٽ ايشيا) ۾ ايم. اي، بوسٽن يونيورسٽيءَ مان ’پوليٽيڪل اڪانامي ۽ اڪانامڪس‘ ۾ ايم. اي ڪئي. حميد هارون پاڪستان جي وڏي ميڊيا گروپ ’ڊان‘ جو چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر هئڻ سان گڏ انگريزي رسالن ’هيرالڊ‘، ’اسپائيڊر‘ (Spider)، آئي. ٽي سان لاڳاپيل رهيو آهي. اروڙا (مارڪيٽنگ ۽ ايڊورٽائيزنگ) جو پبلشر آهي. ڊان نيوز چينل ۽ سٽي ايف ايم 89 به سندس سنڀال هيٺ هلي رهيا آهن.
1980ع کان عملي زندگيءَ جي شروعات ڪيائين. ڊان گروپ جي چيف ايگزيڪيوٽو طور 1998ع کان ذميواريون نڀائيندو پيو اچي. آل پاڪستان نيوز پيپر سوسائٽي (APNS) جو صدر به رهيو آهي. حميد هارون ثقافت ۽ آرٽ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اڻٿڪ ڪوششون ڪيون آهن، آرٽ، مـوسيـقيءَ توڙي قـديـم ماڳن بابت (1) مهتا پيلس گئلري ٽرسٽ ڪراچي، (2) لاهور ميوزم، (3) موهن جي دڙي بابت ايگزيڪيوٽو ڪميٽيءَ سان گڏ ماڳن ۽ يادگارن جي حفاظت بابت اهم ڪميٽين جو ميمبر رهيو آهي. هن آرٽ بابت ڪيتريون ئي نمائشون منعقد ڪري ملڪ جي وڏن مصورن جي قدرداني ڪئي آهي، وٽس موسيقي توڙي ناياب تصويرن جو وڏو ذخيرو موجود آهي. هن ڪيترن ئي ناياب ڪتابن جي ٻيهر اشاعت لاءِ ڪوششون ورتيون، کيس 2004ع ۾ ’ستاره امتياز‘ اوارڊ مليو. ان کانسواءِ ’شاهه لطيف اوارڊ‘ ۽ ’ايشين فيڊريشن آف ايڊورٽائيزنگ‘ جو اوارڊ به مليو آهي.


لفظ حميد هارونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1953.10.27  عيسوي

مشهور صحافي ۽ سياستدان حميد هارون ولد سعيد هارون 27 آڪٽوبر 1953ع تي ڄائو.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خاصخيلي جان
الهورايو بوزدار
سرفراز وسطڙو
ستار وسطڙو
نياز پنهور
سيد غلام رسول شاهه
الطاف حسين قريشي
صلاح الدين مولانا
اظهار سومرو
دين محمد وفائي مولانا
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون